ضياءُ الدين محمد

ضياءُ الدين محمد: بزرگ مخدوم ضياءُ الدين محمد، کهڙن واري بزرگ مخدوم محمد عاقل جو وڏو پٽ هو. مخدوم محمد اسماعيل پريالوءِ وارو سندس نانو هو. کيس ديني معاملن ۾ عبور حاصل هو. نيڪ ۽ پرهيزگار بزرگ هو. وقت جا حاڪم ۽ عالم سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. مذهبي مناظرن ۾ ساڻس ڪو به بحث نه ڪري سگهندو هو. والد جي وفات بعد سجاده نشين بڻيو. پر ڇهن مهينن بعد رمضان المبارڪ جي عيد رات 1232هه/1817ع ۾ وفات ڪري ويو. (حوالو: الرحيم، مشاهير سنڌ نمبر)


لفظ ضياءُ الدين محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو